وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڄ بهاولپور ويجهو جلال پور روڊ پيرو والا، اچ شريف سيڪشن جو افتتاح ڪندو

pm

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڄ بهاولپور ويجهو جلال پور روڊ پيرو والا، اچ شريف سيڪشن جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم گڏجاڻي کي خطاب ۽ بهاولپور جي اهم شخصيتن سان ملاقات ڪندو.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڄ بهاولپور ويجهو جلال پور روڊ پيرو والا اچ شريف سيڪشن جو افتتاح ڪندو.

وزيراعظم، بهاولپور ۾ اهم شخصتن سان ملاقات ڪندو ۽ گڏجاڻي کي خطاب به ڪندو.

45 ڪلوميٽر ڊگهو روڊ ملتان، شجاع آباد، جلال پور، پيرو والا، اُچ شريف، ترنڊا، محمد پناهه روڊ جو حصو آهي

ڏکڻ پنجاب ۾ ٺهيل هن روڊ جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي سان قومي شاهراهه اين -5 تي به ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽجي ويندو.

منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان گاڏين جي اچ وڃ جي سهولت ميسر ٿيندي، جڏهن ته معاشي سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي ۽ سفري وقت ۾ به گهٽتائي ٿيندي.

هن منصوبي سان روزگار جا موقعا به فراهم ٿيندا، جڏهن ته ڀرپاسي وارن علائقن ۾ غربت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ زرعي جنسون مارڪيٽن تائين پهچائڻ ۾ سولائي ٿيندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*