ٺٽي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سرڪاري بارداڻو نه ملڻ خلاف سول سوسائيٽي ۽ آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Thatta24-8

ٺٽي  ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سرڪاري بارداڻو نه ملڻ خلاف سول سوسائيٽي ۽ آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آدم گندرو، ايوب ملاح، حامد مغل  ۽ غلام حسين  شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جو بحران سنگين صورت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن ڪري زرعي معيشيت تباهه جي ور چڙهي وئي آهي، ۽ پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ آهي.

هنن چيو ته انتظاميا پاران سرڪاري ڪڻڪ جا مرڪز کولڻ بدران سرڪاري بارداڻو غائب ڪري من پسند سياسي ڌرين کي ڏنو پيو وڃي، جنهن سبب ڪڻڪ جي  آبادگارن جو معاشي استحصال ڪيو پيو وڃي.

هنن 27 اپريل تي ٺٽي لڳ بگهاڙي موري تي ڌڻي جو پڻ  اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*