پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ اڄ نيشنل اسٽيڊيئم ڪراچي ۾ٿي رهي آهي

pak vs wi

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ اڄ نيشنل اسٽيڊيئم ڪراچي ۾ٿي رهي آهي، ويسٽ انڊيز جي ٽيم ۾ اهم رانديگر شامل نه هوندا، پاڪستاني ٽيم جي قيادت سرفراز احمد ڪندو.

نيشنل اسٽيڊيئم ۾ 9 سالن کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿي رهي آهي، ان کان اڳ 2009 ع ۾ سري لنڪا جي ٽيم ون ڊي ميچ کيڏڻ آئي هئي، ويسٽ انڊيز جي ٽيم 2006 کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ ميدان تي لهندي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم ۾ ڪپتان ڪارلوس بريٿ ويٽ، ون ڊي ڪپتان جيسن هولڊر شامل نه هوندا، تنهنڪري ٽيم جي قيادت جيسن محمد ڪندو.

ڪيريبيئنز ٽيم ۾ ڪرس گيل، جيسن پولارڊ، لينڊل سمنز، ڊيوائن اسمٿ ۽ سنيل نارائڻ به شامل نه هوندا.

سيموئل بدري، رياد المرٽ، آندري فليچر، آندري مڪ ڪارٿي، ڪيمو پال، ويرا سيمي پرمال، رومين پاويل، دنيش رام دين، مارلن سيموئلز، اوڊين اسمٿ، چيڊوڪ والٽن ۽ ڪيسرڪ وليمز تي ٻڌل اسڪواڊ ميدان تي لهندو.

پاڪستاني ٽيم ۾ سرفراز احمد، احمد شهزاد، فخر زمان، بابر اعظم، شعيب ملڪ، فهيم اشرف، محمد نواز، شاداب خان، محمد عامر، حسن علي، راحت علي ۽ عثمان شنواري شامل هوندا.

پي ايس ايل ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آصف علي، حسين طلعت ۽ شاهين آفريدي کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*