پي ٽي آءِ نگران وزيراعظم لاءِ ٽن نالن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

pti flag

پي ٽي آءِ نگران وزيراعظم لاءِ ٽن نالن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي، پي ٽي آءِ قيادت پاران سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر عشرت حسين جي نالن جي منظوري ڏني وئي آهي،

ملڪ ۾ نگران وزيراعظم لاءِ سياسي پارٽين پاران مشاورت وارو عمل جاري آهي، تحريڪ انصاف به نگران وزيراعظم لاءِ 3 نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن،

تحريڪ انصاف به نگران وزيراعظم لاءِ عبدالرزاق دائود، تصدق جيلاني ۽ عشرت حسين جا نالا شامل آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ڄاڻايل نالا خورشيد شاهه کي پيش ڪندو.

واضح رهي ته عبدالرزاق دائود پرويز مشرف جي ڪابينا ۾ واپار وارو وزير هو، تصدق جيلاني 2013ع کان 2014ع تائين چيف جسٽس رهيو، جڏهن ته ڊاڪٽر عشرت حسين 1999ع کان 2006ع تائين اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي جلد ٻئي نالا اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه حوالي ڪندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*