چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته ايشيا جي مستقبل جو تعين کين ئي ڪرڻو آهي، سڀئي ملڪ غلبَي جي ذهنيت ترڪ ڪري ڇڏين
چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته ايشيا جي مستقبل جو تعين کين ئي ڪرڻو آهي، سڀئي ملڪ غلبَي جي ذهنيت ترڪ ڪري ڇڏين.
بائو فورم اجلاس کي خطاب ڪندي چيني صدر چيو ته چين ايشيا ۾ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ ذڪر جوڳو ڪم ڪيو آهي پر سندن سامهون هاڻ به بي شمار مسئلا ۽ ڪيئي رڪاوٽون آهن.
هن چيو ته ڪيئي ملڪن ۾ ماڻهو غربت، بک ۽ مرضن جو شڪار آهن، چين عالمي برادري سان ملي معاشي ترقي کي تيز ڪري رهيو آهي.
چيني صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت آهي، جنهن 40 سالن دوران غير معمولي ترقي ڪئي آهي…….