گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ شام تي امريڪي حملي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي بحث ڪيو ويو

united nation council

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ شام تي امريڪي حملي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي بحث ڪيو ويو، روس جو پيش ڪيل مذمتي ٺهراءَ منظور نه ٿي سگهيو، امريڪا شام جي شهرين خلاف ڪيميائي هٿيارن جو استعمال جاري رهڻ جي صورت ۾ ٻيهر حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

 شام تي فضائي ڪارروائيءَ کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽوئٽ ۾  فرانس ۽ برطانيا جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سندن مدد سان شام تي پهرئين حملي جو مشن ڪامياب ٿيو آهي.

 هڪ ٻئي بيان ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن شامي حڪومت پنهنجي معصوم شهرين خلاف ڪيميائي هٿيار ٻيهر استعمال ڪيا ته هو ان تي وڌيڪ حملي لاءِ تيار آهن.

هوڏانهن شام ۾ آمريڪا، برطانيه ۽ فرانس جي فضائي ڪارروائي کان پوءِ روس  جي درخواست تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪري صورتحال تي بحث ڪيو ويو.

ان موقعي تي ماسڪو شام ۾ حملي خلاف مذمتي ٺهراءَ پيش ڪيو، مذمتي ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي حملي کي بين الاقوامي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي قرار ڏنو وڃي.

 روس جو پيش ڪيل ٺهراءَ سلامتي ڪائونسل جي 9 ميمبرن جي مخالفت کان پوءِ منظور نه ٿي سگهيو، صرف چين، روس ۽ بوليويا ٺهراءَ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته 4 ميمبر ملڪن ووٽنگ عمل ۾ حصو نه ورتو.

نيويارڪ ۾ ٿيل سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ آمريڪا ۽ روس وچ ۾ لفظي جنگ جاري رهي.

 گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير نڪي هيلي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا شام تي دٻاءَ بر قرار رکڻ لاءِ تيار آهي، نڪي هيلي چيو ته اسان جو صدر ڪائي سرخ لڪير پائيندو آهي ته ان تي عمل  کي به يقيني بڻائيندو آهي.

گڏيل قومن ۾ روسي سفير ويسلي نبينزيا روسي صدر ولاديمير پيوٽن جو پيغام پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ چيو ويو هو ته سلامتي ڪائونسل جي مينڊئيٽ کان بغير شام ۾ ميزائيل حملا ڪري امريڪا، فرانس ۽ برطانيه گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي، هڪ اهڙي ملڪ خلاف جارحيت جو مظاهرو ڪيو ويو آهي جيڪو دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

 ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس فوجي ڪارروائي روڪي سفارتي رستو اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*