گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ شام اندر ڪيميائي حملن جي جاچ بابت ٺهراءَ ويٽو ڪرڻ بعد روس آمريڪا کي خبردار ڪندي

united nation council

 گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ شام اندر ڪيميائي حملن جي جاچ بابت ٺهراءَ ويٽو ڪرڻ بعد روس آمريڪا کي خبردار ڪندي چيو آهي ته هو شام ۾ ڪنهن قسم جي فوجي ڪارروائي کان باز رهي.

 گڏيل قومن ۾ روسي مستقل نمائندي وسيلي نيبينريا چيو ته توهان جيڪي منصوبا ٺاهي رهيا آهيو انهن کي عملي جامو پارائڻ کان باز رهو.

هن آمريڪا کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪا غير قانوني فوجي ڪارروائي ڪئي وئي ته ان جو ذميوار هو خود هوندو، جڏهن ته اولهه جي ملڪن جو چوڻ آهي ته  هو دوما تي ڪيميائي حملي جو جواب ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي متفق آهن.

 فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪخوان چيو آهي ته حملن ۾ شامي حڪومت جي ڪيميائي تنصيبات کي نشانو بڻايو ويندو.

   ان کان پهريان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ شام ۾ ڪيميائي حملن جي جاچ بابت آمريڪي مسودو روس ويٽو ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته چين راءِ شماري جي عمل ۾ حصو نه ورتو هو.

 ٺهراءَ بابت ماسڪو پاران واشنگٽن تي الزام لڳايو ويو هو ته هي فوجي ڪارروائي جو بهانو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير نڪي هيلي ٺهراءَ چيو ته روس سلامتي ڪائونسل جي ساک کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

 آمريڪي سفير هن ٺهراءَ کي گهٽ ۾ گهٽ جوابي ڪارروائي  قرار ڏنو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*