آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته زمين تي قبضن وارا معاملا سڌي ريت پوليس جي اختيار ۾ نٿا اچن

ig sindh

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته زمين تي قبضن وارا معاملا سڌي ريت پوليس جي اختيار ۾ نٿا اچن، پوليس کي ڪي به قانوني اختيار ناهن ته ڪنهن کي زمين جي معاملي تان گرفتار ڪري سگهي.

ڪراچي ۾ ڪورنگي ايسوسئيشن آف ٽريڊ انڊسٽري جي تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته ڊي جي ڪي ڊي اي، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ سي پي ايل سي چيف ملي هڪ ڪميٽي ٺاهين جيئن شڪايتن جو ازالو ٿي سگهي.

هن چيو ته اليڪٽرانڪ مارڪيٽ ۾ موٽرسائيڪلن جون 3،3 قطارون لڳل آهن،جتان گاڏين جو گذرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته جيڪڏهن پوليس ڪارروائي ڪري ٿي ته پوءِ واپاري روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪن ٿا.

تقريب کي خطاب ڪندي ڪورنگي ايسوسئيشنآف ٽريڊ انڊسٽري جي صدر طارق ملڪ چيو ته امن مان جي حوالي سان سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳو آهي.

طارق ملڪ چيو ته اسٽريت ڪرائيم ۽ زمينن تي قبضا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ضروري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*