آمريڪا پنهنجو اسرائيل وارو سفارتخانو والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون

us embasy move to jerusalm

آمريڪا پنهنجو اسرائيل وارو سفارتخانو والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون، افتتاحي تقريب ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڌيءَ ايوانڪا ۽ ناٺي جيرڊ ڪشنر شرڪت ڪندا، فلسطين ۽ شام سميت  مختلف ملڪن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، فلسطين ۾ تاريخي احتجاج لاءِ هزارين فلسطيني غزه بارڊر تي پهچڻ شروع ٿي ويا.

والاريل بيت المقدس ۾ تجويز ڪيل آمريڪي سفارتخاني جي عمارت جو ٽرمپ انتظاميه جي اعليٰ عملدارن جائزو ورتو، افتتاحي تقريب جي موقعي تي آمريڪي صدر ٽرمپ ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو، تقريب ۾ صدر ٽرمپ جي ڌيءُ ايوانڪا ۽ ناٺي خاص طور شرڪت ڪندا.

هڪ آمريڪي عملدار موجب افتتاحي تقريب ۾ 800 آمريڪي ۽ اسرائيلي شخصيتون شرڪت ڪنديون.

 ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم پاران آمريڪي وفد جي اعزاز ۾ آجياڻي واري تقريب پوري طرح ناڪام ٿي وئي، تقريب ۾ 86 ملڪن جي سفيرن کي دعوت ڏني وئي پر اڪثر سفير شريڪ نه ٿيا.

آمريڪي سفارتخاني جي والاريل بيت المقدس منتقليءَ خلاف مختلف ملڪن ۾ ڪاوڙ جي لهر جهڪي نه ٿي آهي، شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري آمريڪي سفارتخاني جي منتقلي واري فيصلي جي مذمت ڪئي، فلسطين جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته فلسطين ۾ تاريخي احتجاج لاءِ هزارين فلسطيني غزه بارڊر تي پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، واضح رهي ته غزه بارڊر تي حماس پاران 6 مهينن کان احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*