احتساب عدالت ۾ ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي

ishaq dar

احتساب عدالت ۾ ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس  جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي. نيب جي شاهد محمد عظيم کان وڪيل قاضي مصباح آڏي پڇا ڪندو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد بشير ڪندو.

ٻڌڻي دوران نيب جي شاهد محمد عظيم کان وڪيل قاضي مصباح آڏي پڇا ڪندو.

گذريل ٻڌڻي دوران شاهد محمد عظيم، اسحاق ڊار جي بينڪ ٽرانزيڪشن ۽ رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو هو.

واضح رهي ته نيب جي ضمني ريفرنس جي جوابدارن ۾ سعيد احمد، نعيم محمود ۽ منصور رضا شامل آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*