اسرائيلي فورسز پاران هٿين خالي فلسطينين جي قتل عام ۽ آمريڪي سفارتخاني جي والاريل بيت المقدس منتقلي خلاف غزه ۽ فلسطين جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري آهي

israil

اسرائيلي فورسز پاران هٿين خالي فلسطينين جي قتل عام ۽ آمريڪي سفارتخاني جي والاريل بيت المقدس منتقلي خلاف غزه ۽ فلسطين جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري آهي، فلسطيني  شهرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ  لاطيني آمريڪا ۽ ترڪي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

 آمريڪا پاران اسرائيل وارو پنهنجو سفارتخانو والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ بعد غزه ۾ نهايت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيل آهي، اسرائيلي فورسز جي فائرنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 62 ٿي ويو، اسرائيلي فورسز جي پر تشدد ڪاررواين خلاف غزه ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج جاري آهي، جڏهن ته فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن ۾ احتجاج ڪيو ويو.

 ترڪي ۾ استنبول ۽ انقره  واسين  رستن تي مارچ ڪري احتجاج ڪيو.

 ارجنٽينا جي گادي واري شهر بونس، برازيل ۾ سائوپولو، بوليويا جي شهر لا پاز ۾ احتجاج ڪري فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.

  آمريڪي راڄڌاني واشنگٽن، يونان جي شهر اٿينس ۾ فلسطيني شهرين پاران احتجاج ڪري آمريڪي فيصلي خلاف زوردار نعريبازي ڪئي ۽ اسرائيلي فورسز جو جاري قتل عام جو سلسلو روڪڻ جو مطالبو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*