اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نواز شريف خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

atc

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نواز شريف خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته  جوابدار کي فنانشل اسٽيٽمينٽ ۽ ٻين دستاويزن جي فراهمي لاءِ چيو ويو پر هل ميٽل بابت رڪارڊ فراهم نه ڪيو ويو.

عدالت ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ دوران واجد ضياءَ چيو ته هل ميٽل کي موڪليل رقم بابت مني ٽريل تيار ڪيو، 8 ڏهائي 9 ملين ڊالر حسين نواز ۽ هل ميٽل  2010 کان 2015 تائين نواز شريف کي موڪليا.

هن چيو ته 88 سيڪڙو منافعو حسين نواز ان عرصي دوران نواز شريف کي موڪلي هئي، تحفي طور موڪليل رقم منافعي ۽ نقصان بابت هڪجهڙائي نٿا رکن.

هن چيو ته هل ميٽل ڪمپني کي 2015 ۾ 1 ڏهائي 5 ملين ڊالر جو نقصان ٿيو، ان جي باوجود 2 ڏهائي هڪ ملين ڊالر نواز شريف کي موڪليا ويا.

واجد ضياءَ چيو ته حسن نواز بيان ۾ چيو ته 2015 ۾ 8 لک پائونڊ حسين نواز کان ورتا، ان وقت ڪمپني نقصان ۾ هئي، جي آءِ ٽي ان نتيجي تي پهتي ته 8 سيڪڙو منافعو نواز شريف کي مليو آهي.

احتساب عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*