اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، تحريڪ انصاف تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ امپائر جي آڱر ڏانهن ڏسندڙ ۽ ٻين جو پٽڪو لاهيندڙ پارٽي آهي

nawaz sharif

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، تحريڪ انصاف تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ امپائر جي آڱر ڏانهن ڏسندڙ ۽  ٻين جو پٽڪو لاهيندڙ پارٽي آهي، جنهن جو ڪو به ڪردار ۽ نظريو نه آهي، ڪي پي  جي عوام تبديلي ڏسي ڇڏي آهي، اتي ڪو به ڪم نه ٿيو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشي دوران غير رسمي ڳالهيون ڪندي نوازشريف چيو ته تحريڪ انصاف ٻين جو پٽڪو لاهيندڙ پارٽي آهي.

هڪ صحافي نوازشريف کان سوال ڪيو ته پي ٽي آءِ ممبئي حملن بابت تڪراري بيان واري معاملي تي اوهان جي قومي ڪميشن ٺاهڻ واري تجويز رد ڪري ڇڏي آهي.

جنهن تي اڳوڻي وزراعظم چيو ته تحريڪ انصاف جو نه ڪو ڪردار ۽ نه ئي ڪو نظريو آهي، هي هڪ گندي زبان استعمال ڪندڙ ۽  امپائر جي آڱر ڏانهن ڏسندڙ پارٽي آهي.

ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم 2014 جي اسلام آباد ڌرڻي بابت ڳالهائيندي چيو ته انهن ڌرڻن پٺيان ڪيترائي ڪردار هئا.

نوازشريف چيو ته عمران خان ۽ طاهر القادري به اهڙن ئي ڪردارن ۾ شامل آهن، وقت اچڻ تي ٻين ڪردارن جو به نالو ٻڌائيندس.

نوازشريف چيو ته تحريڪ انصاف ڌرڻو هڻندڙ پارٽي آهي، جنهن کي ” عوام جي ووٽ کي عزت ڏيو”تي اعتبار نه آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*