بالي ووڊ اسٽار سونم ڪپور جون شادي جون رسمون شروع ٿي ويون، ميندي واري رسم ۾اداڪاره پنهنجي مڱيندي آنند آهو جا سان گڏجي ڊانس ڪئي

sonum kapoor

بالي ووڊ اسٽار سونم ڪپور جون شادي جون رسمون شروع ٿي ويون، ميندي واري رسم ۾اداڪاره پنهنجي مڱيندي آنند آهو جا سان گڏجي ڊانس ڪئي، انيل ڪپور به جهمريون هڻي خوشي جو اظهار ڪيو.

  بالي ووڊ سپر اسٽار انيل ڪپور جي ممبئي ۾ گهر سندس نياڻي سونم ڪپور جي ميندي واري رسم ادا ڪئي وئي.

 ان موقعي تي هدايت ڪار ڪرن جوهر، اداڪار ارجن ڪپور،  اداڪاره راني مکرجي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ تازو ئي ديهانت ڪري ويل سپر اسٽار سري ديوي جي ڌيءَ جهانوي ڪپور به شريڪ هئي، ڪپور ڪٽنب پاران ميندي رسم جون ويڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون.

 شيئر ڪيل ويڊيوز ۾ ميندي لڳل هٿن سان سونم ڪپور خوشي وچان پنهنجي مڱيندي آنند آهوجا سان گڏ رقص ڪندي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته سندس والد انيل ڪپور کان به رهيو نه ٿيو ۽ هو نياڻي جي ميندي رسم ۾ جهمريون هڻڻ شروع ٿي ويو، ان موقعي تي سنجي ڪپور سميت ڪپور ڪٽنب جا ٻيا فرد به شريڪ هئا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*