بالي ووڊ اسٽار سونم ڪپور جو وهانءُ واپاري آنند آهوجا سان اڄ ٿي رهيو آهي

sonam kapoor weding

بالي ووڊ اسٽار سونم ڪپور جو وهانءُ  واپاري آنند آهوجا سان اڄ ٿي رهيو آهي،  ميندي تقريب ۾ فلمي ستارن جي ڊانس واريون ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، فلمي ستارن جي ڊانس مداحن کي موهي ڇڏيو.

 ڪپور ڪٽنب جي ڪِڪي سونم ڪپور جي شادي تقريب ممبئي ۾ سندس والد سپر اسٽار انيل ڪپور جي گهر ٿي رهي آهي، ٻنهي فئميلز جا ويجها دوست ۽ فلمي ستارا شريڪ ٿيندا، جڏهن ته سنگيت تقريب جون تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن.

 ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب سنگيت تقريب ۾ بالي ووڊ اسٽارز فن جو جادو جاڳائيندا، ان سلسلي ۾ وورون ڌون، ڪرن جوهر ۽ ٻين سموري تياري مڪمل ڪري ورتي، سونم ڪپور جو والد سپر اسٽار انيل ڪپور به پنهنجي ڌيءَ جي شادي ۾ پرفارم ڪندو.

 تازو ديهانت ڪري ويل بالي ووڊ ليجنڊري اداڪاره سري ديوي جي نياڻي جهانوي ڪپور به پنهنجي سوٽ  جي وهانءُ ۾پنهنجي امڙ جي ڪمي پوري ڪندي، جهانوي ڪپور سنگيت تقريب ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ سونم ڪپور تي فلمايل مختلف گيتن تي پرئڪٽس ڪئي، سنگيت تقريب هندستاني وقت موجب شام جو 4 وڳي شروع ٿي ويندي.

 ٻئي پاسي سونم ڪپور جون ميندي رسم واريون ويڊيوز وڏي پئماني تي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، تقريب دوران سندس والد اسٽار انيل ڪپور، سنجي ڪپور، ڪرن جوهر ۽ ٻين ڊانس ڪري مداحن کي موهيو، جڏهن ته سونم ڪپور به مڱيندي آنند آهوجا سان گڏجي ڊانس ڪري سڄي تقريب کي مهڪائي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*