بالي ووڊ اسٽار نيها ڌوپيا ساٿي اداڪار انگد بيدي سان شادي ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو اطلاع هن خود پنهنجي انسٽاگرام تي شادي جي تصوير شيئر ڪندي ڏنو

neha dhopia marriage

بالي ووڊ اسٽار نيها ڌوپيا ساٿي اداڪار انگد بيدي سان شادي ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو اطلاع هن خود پنهنجي انسٽاگرام تي شادي جي تصوير شيئر ڪندي ڏنو.

نيها ڌوپيا انسٽاگرام تي پنهنجي شادي جي فيصلي کي زندگي جو بهترين فيصلو قرار ڏيندي لکيو ته هو پنهنجي بهترين دوست سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهي.

نيها ڌوپيا سان گڏ سندس مڙس اداڪار انگد بيدي به شادي جي تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪندي لکيو ته سندس بهترين دوست هاڻ هن جي گهر واري آهي.

هدايت ڪار ۽ فلمساز ڪرن جوهر به نيها ڌوپيا جي شادي واري تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪندي نيها ۽ سندس مڙس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ لکيو ته اڄ منهنجي سٺي دوست شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*