بنگلاديش جي ڪئمپن ۾ ترسيل روهنگيا مسلمانن مشڪل حالتن ۾ به رمضان المبارڪ جا روزا رکڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون

RELIGION-RAMADAN BANGLADESH-ROHINGYA 14518-3263

بنگلاديش جي ڪئمپن ۾ ترسيل روهنگيا مسلمانن مشڪل حالتن ۾ به رمضان المبارڪ جا روزا رکڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون، پناهگيرن جو چوڻ آهي ته هتي رمضان شريف ۾ سندن لاءِ ڪو خاص انتظام نه ڪيو ويو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي پناهگيرن جو چوڻ هو ته هو جيڪڏهن برما ۾ هجن ها ته رمضان المبارڪ کي بهترين نموني سان گذاري سگهن ها،  پر هتي هنن لاءِ سحري توڙي افطاري جي لاءِ ڪو خاص انتظام نه ڪيو ويو آهي.

 هنن وڌيڪ چيو ته مشڪل حالتن باوجود هو رمضان المبارڪ جا روزا رکندا.

  ڪئمپس ۾ پناهگيرن پنهنجي مدد پاڻ تحت عام واهپي وارين شين جون  بازارون قائم ڪري ورتيون آهن..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*