تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نواز شريف کي ممبئي حملن بابت بيان ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي

multan shah mehmood

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نواز شريف کي ممبئي حملن بابت بيان ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرائي کي نواز شريف رد ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته شاهه محمود قريشي چيو ته فضل الرحمان سميت سمورا ميمبر جاچ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته وزير اعظم چوي ٿو ته بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، پر نواز شريف اڄ قومي سلامتي واري پڌرائي کي به رد ڪري ڇڏيو آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته نواز شريف جو موقف پاڪستان جي خلاف آهي،وزير اعظم کي ايوان ۾ اچي بيان بابت پنهنجي وضاحت ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*