سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هنن جي حڪومت شاگردن لاءِ امتحاني في ۽ ٻيون فيس ختم ڪري ڇڏيون

cm takreeb

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هنن جي  حڪومت شاگردن لاءِ امتحاني في ۽ ٻيون فيس ختم ڪري ڇڏيون، سنڌ حڪومت گذريل سال فيصلو ڪيو ته تعليم مفت ڪرڻي آهي.

 ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري جي امتحانن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام ڏيڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي.

  تعليم کاتي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد حسين سيد پوزيشن يافته شاگرد ۽ سندن والدين تقريب ۾ شريڪ هئا، وڏي وزير مراد علي شاهه پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا.

 سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پوزيشن حاصل ڪندڙ سڀني شاگردن کي مبارڪ ڏيندي چيو ته سندس لاءِ هي اعزاز جي ڳالهه آهي ته هو مستقبل جي معمارن ۾ انعام ورهائي رهيو آهي، صوبي جي هوشيار شاگردن کي پاڻ سان گڏ ڏسي فخر ٿي رهيو آهي، ان موقعي تي وڏي وزير سان شاگردن سيلفيون ڪڍرايون………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*