سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ بابت صحت واري وزير ۽ سيڪريٽري کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

Sindh-High-Court-Case-11117

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ بابت صحت واري وزير ۽ سيڪريٽري کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪراچي، شڪارپور، ٿرپارڪر، سکر، بدين، ٺٽو ۽ لاڙڪاڻي سميت 11 ضلعن جي اسپتالن بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته شڪارپور ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ 79 ڊاڪٽرن ۽ سرجن جون جايون خالي آهن.

عدالت شڪارپور جي ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ خالي جايون جلد ڀرڻ جو حڪم ڏيندي رمارڪس ۾ چيو ته جيستائين نيون ڀرتيون ڪيون وڃن، تيستائين ٻين شهرن مان ڊاڪٽر بدلي ڪري موڪليا وڃن.

جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ۾ چيو ته اسپتالون ڪيئن هلايون پيون وڃن، شڪارپور اسپتال ۾ سرجن ڊاڪٽر ناهي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته شڪارپور سول اسپتال ۾ مريضن کي بيهوش ڪرڻ وارو ڊاڪٽر ناهي، مقصد آپريشن ٿين ئي نٿا.

درخواستگذار شهاب اوستو چيو ته حادثي ۾ 2 نوجوان زخمي ٿيا، آپريشن جي سهولت نه هجڻ ڪري فوت ٿي ويا آهن.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪيترن ئي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون جايون خالي آهن.

 عدالت صحت واري وزير ۽ سيڪريٽري کان خالي جاين بابت تفصيلي رپورٽ 23 مئي تي طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*