لاهور هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف غداري جو ڪيس هلائڻ بابت درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Lahore-High-Court-81116

لاهور هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف غداري جو ڪيس هلائڻ بابت درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي خلاف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم نواز گنڊا پور ۽ آفتاب احمد ورڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف انٽرويو دوران ملڪ خلاف بيان ڏنو، سندس خلاف غداري جو ڪيس هلايو وڃي.

درخواستگذار چيو ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف بيان ڏئي ملڪي سلامتي داءُ تي لڳائي، سندس خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

عدالت درخواستگذار ن جو موقف ٻڌڻ بعد درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*