لاڙڪاڻي ۾رائيس ملز جي پورهيتن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو

larkana rice mil

لاڙڪاڻي ۾رائيس ملز جي پورهيتن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 پورهيتن اپر سنڌرائيس فيڪٽري ورڪرز يونين پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ريجنل ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف نعربازي ڪئي.

ان موقعي تي مرتضيٰ ڪورائي، عبدالقادرتنيو۽ ٻين چيو ته جڏهن کان ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ٿيو آهي، تڏهن کان مزدورن جو ڪو ڪم نه ٿي رهيو آهي.

هنن چيو ته پينشن ۽ ٻيا فنڊ مڪمل طور بند آهن۽ رٽائرڊ ٿيندڙ مزدورن کان رشوت طلب ڪئي پئي وڃي.

هنن اي او بي آءِ جي چيئرمين کان مطالبو ڪيو ته سندن مسئلن جو نوٽيس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*