معروف ڀارتي گلوڪارهميش ريشميا پنهنجي ويجهي دوست ۽ اداڪاره سونيا ڪپور سان ٻي شادي ڪري ڇڏي

hamesh marriage

معروف ڀارتي گلوڪارهميش ريشميا پنهنجي ويجهي دوست ۽ اداڪاره سونيا ڪپور سان ٻي شادي ڪري ڇڏي، هميش ريشميا ٻي شادي جو اعلان انسٽا گرام تي ڪيو ۽ شادي جي تصوير مداحن سان شيئر ڪئي.

 ميڊيا موجب هي شادي گذريل ڏينهن ممبئي ۾ ٿي، جنهن ۾ هريش جي گهر ڀاتين سميت سندس پهرين گهر واريءَ مان سندس پٽ، سونيا ڪپور جي والدين ۽ ڪجهه ويجهي دوستن شرڪت ڪئي، بالي ووڊ جي ڪنهن اسٽار کي شادي جي دعوت نه مليل هئي.

 ڀارتي نيوز ويب سائيٽ موجب  هميش ريشميا جو چوڻ هو ته هو سڀني دوستن لاءِ آجياڻو منعقد ڪندو جنهن ۾ بالي ووڊ جي سڀني اسٽارز کي دعوت ڏئي گهرايو ويندو.

  گذريل سال هميش ريشميا شادي جي 20 سالن کان پوءِ پنهنجي گهر واريءَ کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*