نوابشاهه ويجهو 14 ورهين جي نينگري کي چاچي ۽ سئوٽ ڪارنهن جو الزام مڙهي قتل ڪري ڇڏيو

nawabshah

نوابشاهه ويجهو 14 ورهين جي نينگري کي چاچي ۽ سئوٽ ڪارنهن جو الزام مڙهي قتل ڪري ڇڏيو.

نوابشاهه ويجهو ڳوٺ حسين بخش کوسو ۾ جوابدار سڪندر کوسو پنهنجي پٽ علي اصغر سان گڏجي 14 ورهين جي ڀائيٽيءَ آمُل کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واردات ۾ استعمال ڪيل رپيٽر هٿ ڪري ورتو ۽ مقتول ناري جو لاش نوابشاهه اسپتال پهچايو.

مقتول نينگري جي پيءُ اڪبر کوسو جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءُ کي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*