وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي تڪراري بيان بعد پيدا ٿيل صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو

pm

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي تڪراري بيان بعد پيدا ٿيل صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. وزيراعظم،  نواز ليگ ميمبرن کي بجيٽ جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حاضري کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

وزيراعظم  شاهد خاقان عباسي  جي صدارت هيٺ پارليامينت هائوس ۾ مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي  جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪمران جماعت جي ميمبرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ نوازشريف جي تڪراري بيان بعد پيدا ٿيل صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته وزيراعظم کي ميمبرن پارٽي گائيڊ لائن به ڏني.

ذريعن موجب، اجلاس دوران وزيراعظم، ميمبرن کي فاٽا بابت آئيني ترميم جي بل تي اعتماد ۾ ورتو،

اجلاس ۾ وزراعظمپاران نوازليگ جي ميمبرن کي بجيٽ جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت به ڪئي وئي.

وزيراعظم چيو ته بجيٽ اجلاس دوران ڪورم جومسئلو پيدا نه ٿيڻ گهرجي.

ذريعن موجب، وزيراعظم ن ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڀاڻي ٻيهر طلب ڪري ورتو………..

اجلاس کان اڳ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي  سيڪيورٽي اهلڪارن صحافين کي ڌمڪي ۽ ڌڪا ڏئي ڪوريج کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اجلاس جا فوٽيجز ڊليٽ ڪرڻ جو به چيو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*