وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نواز شريف کي حب الوطني سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي ضرورت ناهي

pm at national ass

وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نواز شريف کي حب الوطني سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي ضرورت ناهي، ڀارتي ميڊيا نوازشريف جي انٽرويو کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو آهي، وضاحت اچڻ بعد معاملو ختم ٿيڻ گهرجي.

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته نوازشريف ائين ناهي چيو ته پاڪستان مان دهشتگرد ڀارت ويا آهن، ڪجهه ڳالهائڻ ۽ بداخلاقي ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي.

هن چيو ته ڀارتي اخبارن نواز شريف جي انٽرويو کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو، بدقسمتي سان اسان جي ميڊيا به ڀارتي ميڊيا جي پوئواري ڪئي آهي.

وزير اعظم چيو ته مس رپورٽنگ ٿي آهي، جنهن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي، سلامتي واري معاملي کي سياست لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته نواز شريف بابت جيڪي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، انهن ڳالهين ۾ ڪا به حقيقت ناهي، وضاحت کانپوءِ هاڻي معاملو ختم ٿيڻ گهرجي.

وزيراعظم  شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن اخبار پڙهي وڃي ها ته اهڙيون ڳالهيون نه ٿين ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*