ٽنڊو آدم ۾ سئي ڪندر شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن 4 مهينن کان شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

tando jam pani

ٽنڊو آدم ۾ سئي ڪندر شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن 4 مهينن کان شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سئي ڪندر شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن شاخ ۾ چئن مھينن کان پاڻي نه ھئڻ خلاف ڪمند جا سڪل پن کڻي لال ايوب، علي مردان جمالي ۽ حاجي ميھر ھنگورو جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو آدم پريس  ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.

احتجاج ڪندڙ آبادگارن الزام مڙهيو ته آبپاشي کاتي جا عملدار سئي سندن شاخ جو پاڻي بااثر ماڻهن کي وڪرو ڪري پڇڙي جي آبادگارن کي تباهه ڪري رهيا آهن.

هنن گهر ڪئي ته سئي ڪندر شاخ ۾ پڇڙي تائين پاڻي پهچائي ننڊ ۽ بي پهچ آبادگارن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*