پٿورو ۾ هٿياربندن گهر تي ڪاهه ڪري گوليون هڻي نئين پرڻيل جوڙي کي قتل ڪري ڇڏيو

umerkot، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جوڙي ڪجهه عرصو اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو.

پٿورو ٿاڻي ڀرسان هٿياربندن گهر تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان رشيد راجپوت ۽ سندس زال سونيا ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته نسرين زخمي ٿي پئي.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته پٿورو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال پهچايا.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پوليس موجب مقتول جوڙي ڪجهه وقت اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*