پ پ سنڌ جي صدر نثارکهڙي چيو آهي ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي سياست رڳو کوکلن نعرن تي هلي رهي آهي

nisar khoro

پ پ سنڌ جي صدر نثارکهڙي چيو آهي ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي سياست رڳو کوکلن نعرن تي هلي رهي آهي، عوامي مسئلن جي حل لاءِ رڳو پ پ سياسي ميدان ۾موجود آهي.

لاڙڪاڻي ۾پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته پاناما چورن جي ڪري ملڪ جو وقار مجروح ٿيو آهي، ن ليگ عوام کي محرومين کا سواءِ ڪجهه نه ڏنو آهي.

هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي سنڌ مان ڪجهه به نه ملندو، پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ عوام دشمن آهن، ايندڙ چونڊن ۾ عوام رد ڪري ڇڏيندو.

ان موقعي تي پ پ جي صوبائي صدر ڪجهه هفتا اڳ شادي جي تقريب دوران قتل ڪيل فنڪارا ثمينا سنڌو جي مڙس کي 5 لک رپيا امداد جو چيڪ پڻ ڏنو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*