ڀارت ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن دوران 40 ماڻهو فوت، ڪيترائي زخمي ٿي پيا

india thunderstorm

ڀارت ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن دوران 40 ماڻهو فوت، ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

 ڀارتي ميڊيا موجب  رياست اترپرديش ۾ 18 ماڻهو فوت ٿيا، آنڌرا پرديش ۾ 8، اولهه بنگال ۾ 9، دهلي ۾5 ۽ تيلنگانا ۾ 3  ماڻهو حادثن جي نتيجي ۾ اجل جو شڪار ٿيا.

طوفاني برسات سبب ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون، بجلي جي ٿنبن سميت ڪيترائي وڻ ڪري پيا.

تيز طوفان سبب اندرا گانڌي انٽر نيشنل ائيرپورٽ کي  ٻن ڪلاڪن لاءِ بند ڪيو ويو، جڏهن ته 70 کان وڌيڪ اڏامن جو رخ ٻين شهرن ڏانهن موڙيو ويو.

 هندستاني موسميات کاتي ملڪ جي اولاهين رياستن ۾ ايندڙ 48 کان 72 ڪلاڪ تائين طوفاني برسات جي وڌيڪ اڳڪٿي ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*