ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا ٿي ويل انعام گولو جي بازيابي لاءِ وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

khandkot inam

ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا ٿي ويل انعام گولو جي بازيابي لاءِ وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مغوي جي وارثن حافظ ڌڻي بخش، عبداللطيف گولو، نبي بخش گولو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ڳوٺ ايلسي جي رهواسي مغوي جي وارثن چيو ته 24 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس نوجوان انعام گولو کي بازياب ڪرائڻ  ۾ناڪام ٿي وئي آهي.

ٻي طرف ايس ايس پي بشيراحمد بروهي چيو ته مغوي جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي ڪجهه ماڻهو گرفتار ڪيا آهن جلد مغوي کي بازياب ڪرايو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*