Archive

Back to homepage

هم خبرون * ) * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، عدالت جو نالو استعمال ڪري ٽي وي چينلز کي نوٽيس جاري ڪرڻ تي پيمرا چيئرمين کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو * اسلام آباد: ٻڌايو وڃي ته پيمرا ڪهڙي قانون تحت هدايتون جاري ڪري سگهي؟ عدالت * اسلام آباد: ڇا هاڻي پيمرا فيصلو ڪندي ته ٽي وي چينلز ۾ ڪنهن کي گهرايو وڃي: عدالت * اوهان پاڻ ڪم ناهيو ڪندا ۽ عدالتي فيصلن جو انتظار ڪندا آهيو، بعد ۾ عدالتي فيصلن جو غلط استعمال ڪيو ويندو آهي: چيف جسٽس اطهر من الله * اسلام آباد: مولانا فضل الرحمان تي حملي جو خطرو، گهرو وزارت پاران الرٽ جاري * مولانا تي ڀارتي ڳجهي اداري “ را “ پاران حملي جو خطرو آهي:گهرو وزارت * مولانا فضل الرحمان کي خطري بابت اگاهه ڪيو ويو آهي: گهرو وزارت * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمد الله جي پاڪستاني شهريت ختم ڪري کيس پرڏيهي شهري قرار ڏيڻ وارو نادرا جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو * اسلام آباد: عدالت پاران نادرا کان ٻن هفتن اندر جواب طلب * نئون حڪم اچڻ تائين نادرا ۽ گهرو وزارت حافظ حمد الله خلاف ڪو به قدم نه کڻي: عدالت * ڪراچي: نيب سکر فضل الله پيچوهو کي 30 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو * فضل الله پيچوهو تي ڪشمور ۾ سرڪاري زمين غير قانوني طور الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس، تيمور ٽالپر جي درخواست تي ٻڌڻي * پ پ اڳواڻ تيمور ٽالپر ۽ حڪيم بلوچ خلاف جاچ ڪئي، شاهديون ناهن مليون:نيب پراسڪيوٽر * جاچ بند ڪرڻ لاءِ درخواست چيئرمين نيب کي اماڻي ويندي: نيب پراسڪيوٽر * ( واقعا، حادثا/ احتجاج ) شيخوپوره: ڪوهاٽ کان لاهور ويندڙ بس ڪلٽي، 2ڄڻا فوت،30 زخمي * ڊرٻ ميهر شاھ: ڳوٺ لال ڏنو اڄڻ جي رهواسڻ شمشاد خاتون کي ويم دوران ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت سبب ٻار سميت فوت، وارثن جو احتجاج * جيڪب آباد: ڳوٺ رمضان مغيري ۾ چوري،مزاحمت تي مالڪ وزير مغيري قتل * پيرجوڳوٺ: پيرڳوٺ لڳ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، ٻن شاگردن سميت 4 ڄڻا زخمي