پاڪستان ۾ داعش جو ڪو به وجود ناهي رحمان ملڪ

اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ پ پ سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ داعش جو ڪو به وجود ناهي، ناڪام دهشتگرد داعش کي پنهنجو ڪري رهيا آهن، حڪومت چاڪنگ جي الزام هيٺ گرفتار جوابدارن کان ڄاڻ حاصل ڪري.

لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته پاڪستان ۾ داعش جي حق ۾ ٿيل چاڪنگ مان ثابت ٿي ويوآهي ته ڪنهن مقامي دهشتگرد تنظيم داعش کي پنهنجو ڪيو آهي، دهشتگرد هاڻي ٽيون نالو استعمال ڪري ڪارروايون ڪرڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته حڪومت، وال چاڪنگ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل جوابدارن کان داعش بابت ڄاڻ حاصل ڪري.

هڪ سوال جي جواب ۾ رحمان ملڪ چيو ته کيس ڄاڻ ملي آهي ته ڌرڻو، ڌرڻـِي ۾ تبديل ٿي ويو آهي،  ڌرڻي کي ٻيو نالو ملڻ کان اڳ عمران خان ڌرڻو ختم ڪري.

پ پ سينيٽر وڌيڪ چيو ته سياست ۾ صحيح وقت تي فيصلا ڪرڻ گهرجن، عمران خان ڌرڻي کي پنهنجي مجبوري بڻائي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عوام جي فرمائش تي ڌرڻو ختم ڪري.

رحمان ملڪ چيو ته 16يا 17 تاريخ نومبر تي تي سياسي جرڳي جو اجلاس گهرايو ويندو، جنهن ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*