دولت پور صفن جي شاگرد سجاد جوکيو  قتل ڪيس جو مک جوابدار اڳوڻو اي ايس آءِ علي بخش مگسي ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ عدالت جي احاطي مان فرار ٿي ويو آهي

دولت پور صفن جي شاگرد سجاد جوکيو  قتل ڪيس جو مک جوابدار اڳوڻو اي ايس آءِ علي بخش مگسي ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ عدالت جي احاطي مان فرار ٿي ويو آهي، قاضي احمد پوليس هٿان مبينا قتل ٿيل شاگرد جي  وارثن الزام هنيو آهي ته جوابدار کي پوليس فرار ڪرايو آهي.

 نوابشاهه ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ شاگرد سجاد جوکيو قتل ڪيس تي ٻڌڻي ٿي.

 ان موقعي تي عدالت ڪيس جي مک جوابدار اڳوڻي اي ايس آءِ علي بخش مگسي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.

 ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پاران ضانت رد ٿيڻ تي جوابدار علي بخش مگسي عدالتي احاطي مان فرار ٿي ويو.

 عدالت ٻاهران شاگرد سجاد جوکيو جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته نوابشاهه پوليس پنهنجي پٽي ڀائيءَ کي فرار ڪرايو آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*