پاڪستان عوامي تحريڪ ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ آهي ته ڌانڌلي واري نظام جو حصو نه بڻجنداسين
پاڪستان عوامي تحريڪ ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ آهي ته ڌانڌلي واري نظام جو حصو نه بڻجنداسين، ملڪ ۾ آئين مان آئين جو روح ڪڍيو ويو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ هو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ اسان حصو نه وٺنداسين، سمورا اميدوار پنهنجا نامزدگي فارم واپس وٺن.
ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ هو ته هن ملڪ ۾ ڪرپٽ مافيا جو راڄ آهي، موجوده چونڊ عمل کي جمهوريت جو حصو نٿو سمجهان.
ڊاڪٽر طاهرالقادري جو چوڻ هو ته ملڪي نظام جي اصلاح ڪندڙ چونڊن ۾ مجبور ٿي ويندا آهن، پي اي ٽي هن نظام جو حصو نه آهي ۽ نه ئي وري ٿيندي.
طاهر القادري جون چوڻ هو ته ملڪ ۾ آئين مان آئين جو روح ڪڍيو ويو آهي، 2013جي چونڊن ۾ ملڪ اندر 59 سيڪڙو ماڻهن ووٽ ئي ڪاسٽ نه ڪرايا هئا.
ڊاڪٽر طاهرالقادري جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 بابت شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي……………….