اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيوآهي ته سياست کان ڪنارا ڪشي ناهي ڪئي

اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيوآهي ته سياست کان ڪنارا ڪشي ناهي ڪئي، قانوني مشاورت بعد پارٽي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏني آهي.

پنهنجي جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ پرويز مشرف جو چوڻ هو ته ڏيهه اچي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو ارادو آهي، پر رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن.

پرويز مشرف جو چوڻ هو ته خواجه آصف جيان منهنجي خلاف ڏنل فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ نواز شريف جيان منهن جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل نه ڪيو وڃي.

پرويز مشرف چيو ته ڏيهه اچي عدالتن کي منهن ڏيڻ ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو سوچيو آهي، پر منهنجي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون آهن.

پرويز مشرف چيو ته نواز شريف جيان مونکي به جلسن کي خطاب ڪرڻ جي اجازت هئڻ گهرجي ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي مونکي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ گرفتار نه ڪيو وڃي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*