چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ ملڪ اندر پاڻي جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ وارو آهي

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ ملڪ اندر پاڻي جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ وارو آهي،ان لاءِ مون مهم شروع ڪئي آهي، جڊيشل سسٽم جو مقصد انصاف فراهم ڪرڻ آهي، بنيادي انساني حقن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي.

لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته مستقبل ۾ پاڻي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هن مهم شروع ڪئي آهي، ان لاءِ جيڪڏهن هن ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻا پيا ته ٽنگبا.

هن چيو ته اڄ هر ٻار هڪ لک 17 هزار رپين جو قرضي آهي، صحت، پاڻي ۽ تعلم ناهي، ادارا تباهه آهن،  جيڪڏهن ڪنهن ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ جوڊيشري ضرور ڪجهه ڪندي.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام کي صحت جون سهولتون ملندي نظر نٿيون اچن.

هن چيو ته يقين ڏياريان ٿو ته پاڻمرادو نوٽس ۾بدنيتي شامل ناهي هوندي، هر پاڻمرادي نوٽيس جي پويان سبب هوندو آهي.

چيف جسٽس چيو ته  تعليم بنا ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سنڌ جي عوام کي مستقبل ۾ بهتر صحت نه ملڻ جو خدشو آهي.

هن چيو ته اسپتالن جا دورا زندگي بچائڻ لاءِ آهن، بنيادي انساني حقن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي.

ان کان اڳ چيف جسٽس ثاقب نثار ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي بار ۽ بئنچ ۾تعاون گهرجي،بار انصاف جي حاصلات لاءِ ڪردار ادا ڪري.

هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ادارن ۽ اسپتالن سان گڏ انصاف جا ادارا به ڏسڻ گهرجن، مون کي بار جي هڙتال قبول نه هوندي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*