خيبر پختونخواهه ۾ پاڪستان تحرڪ انصاف اڳواڻ اخونزاده عرفان الله پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

خيبر پختونخواهه ۾ پاڪستان تحرڪ انصاف اڳواڻ اخونزاده عرفان الله پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب قومي  اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 31 تي ٽڪيٽ نه ملڻ تي عرفان الله پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.

 پشاور ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن وزير طاهر علي شاهه، ضياءَ الله آفريدي ۽ ٻين سان پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي ريجنل نائب صدر عرفان الله پارٽيءَ کان راهون جدا ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

 ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي پ پ اڳواڻ ضياءَ الله آفريدي قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 31 جي سيٽ تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هاڻي اين اي 31 تي پ پ  اميدوار عرفان اخونزاده هوندو.

 ضياءَ الله آفريدي چيو ته هو صرف صوبائي اسميبلي ءَ جي تڪ پي ڪي 76 تي پ پ اميدوار هوندو.

ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ذوالفقار افغاني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اي اين پي توڙي تحريڪ انصاف پختونخواهه کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، ڀٽو خاندان ئي ملڪي ترقي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن جنهن کي سڀ جماعتون تسليم ڪن ٿيون.

 پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت  ڪندڙ عرفان الله صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ هڪ سوچ ۽ نظريئي جو نالو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*