ڏکڻ وزير ستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا آهن

ڏکڻ وزير ستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار به شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ڏکڻ وزير ستان جي لڌا واري علائقي ۾ آپريشن رد الفساد تحت سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران  دهشتگردن جي فائرنگ ۾ حوالدار رزاق خان ۽ ممتاز حسين شهيد ٿي ويا آهن.

 آءِ ايس پي آر چيو آهي ته، ٽي ڊي پيز جي صورت ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، دهشتگردن افغانستان ۾ موجود پنهنجي هينڊلرز سان رابطن ۾ هئا، وٽانئن هٿيار، ڌماڪيدار مادو ۽ مواصلاتي اوزار هٿ ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*