وارهه ويجهو رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

وارهه ويجهو رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، رينجرز ترجمان چيو آهي ته ڳوٺ ڊرٻ گائينچو ۾ ڏوهاري فرحان چانڊيو ۽ سندس ساٿين جي موجودگيءَ  واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته ڪارروائي دوران ڏوهاري فرار ٿي ويا، جڏهن ته گهر جي ڇت تي لڪايل هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

رينجرز ترجمان چيو ته هٿ ڪيل هٿيارن ۾ هڪ ايس ايم جي، 8 رائفل، 9 رپيٽرز، 12 بندوقون ۽ ٻيا هٿيار شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*