ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ ويجهو ايندي ئي سياسي گرمي پد ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي

ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ ويجهو ايندي ئي سياسي گرمي پد ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، تحريڪ انصاف اڄ کان چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، عمران خان ميانوالي ۾ جلسي کي خطاب ڪري چونڊ مهم جو اعلان ڪندو.

پي ٽي آءِ پاران ميانوالي ۾ جلسي جي سلسلي ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

 ايم ايم اي ۽ اي اين پي پاران اڄ ڪي پي ۾ پاور شو ڪيو ويندو، ڌرين پاران پاور شو ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

ايم ايم اي جي جلسي کي مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، علامه ساجد نقوي سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.

 نواز ليگ به سڀاڻي کان چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شهباز شريف سڀاڻي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي ايندو، جتي جلسي کي خطاب ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*