قاضي احمد پوليس جي مبينا طور تشدد ۾ مارجي ويل شاگرد سجاد جوکيو  جي ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

قاضي احمد پوليس جي مبينا طور تشدد ۾ مارجي ويل شاگرد سجاد جوکيو  جي ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

 دولت پور صفن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ولي محمد، معشوق، علي حسن  جوکيو ۽ ٻين ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته 47 ڏينهن گذري ويا آهن پر ڪيس جا نامزد جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا آهن.

 هنن الزام هڻندي چيو ته گهربل مک جوابدار اڳوڻي اي ايس آءِ علي بخش مگسي کي ضمانت رد ٿي وڃڻ باوجود پوليس گرفتار نه ڪيو ۽ هو عدالت مان آسانيءَ سان فرار ٿيو.

 هنن چيو ته با اثر ڌرين پاران ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪايو وڃي پيو.

 هنن مطالبو ڪيو آهي ته، ڪيس جي نامزد ٿيل سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*