تنگواڻي ۾ حد دخليون ڄاڻائي دڪا ۽ ريڙها هٽائڻ تان دڪاندارن شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

تنگواڻي ۾ حد دخليون ڄاڻائي دڪا ۽ ريڙها هٽائڻ تان دڪاندارن شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ روينيو عملي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي شروع ڪئي ته دڪاندارن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۾ منهن ماري ٿي  جنهن تي ڪاروبار بند ڪري دڪاندارن  احتجاج ڪيو.

 دڪاندار لال باجڪاڻي، عارب ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مکيه چونڪ کان ٿاڻي تائين پيادل مارچ ڪڍي ڌرڻو هڻي ويٺا.

 ان موقعي تي  اڳواڻن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته بنا جواز ريڙهن ۽ دڪانن جي سامان تي گندو پاڻي هاريو ويو.

 هنن اعليٰ اختيارين کي فوري نوٽيس وٺي تدارڪ جي اپيل ڪئي آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*