چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار اڄ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گم ٿيل ماڻهن ۽ ٻين اهم ڪيسز جي ٻڌڻي ڪندو

چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار اڄ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گم ٿيل ماڻهن ۽ ٻين اهم ڪيسز جي ٻڌڻي ڪندو، عدالت، ڪيس جي حوالي سان حساس ادارن جي صوبائي سربراهن، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي پيش ٿيڻ لاءِ به نوٽيس جاري ڪيا آهن، ٻڌڻي کان اڳ گم ٿيل ماڻهن جا وارث ڪراچي رجسٽري ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري رهيا آهن.

چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۽ ٻين اهم ڪيسز جي ٻڌڻي ڪندو.

سپريم ڪورٽ، ڳجهن ادارن جي صوبائي سربراهن، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي عدالت ۾ پهچڻ کان اڳ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن عدالت ٻاهران احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*