فرانس ۾ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي جنهن ۾  رسمي طور پاڪستان جو نالو گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي

 فرانس ۾ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي جنهن ۾  رسمي طور پاڪستان جو نالو گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

 پئرس ۾ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس اجلاس 6 ڏينهن جاري رهندو، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اجلاس جي موقعي تي پاڪستان جو نالو گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واري فيصلي جي منظوري ڏني ويندي.

 واضح رهي ته هلندڙ سال فيبروي مهيني ۾ ٿيل ايف اي ٽي ايف اجلاس ۾  پاڪستان جو نالو گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

 ايف اي ٽي ايف اجلاس 24 جون 29 جون تائين جاري رهندو.

 اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ نگران وفاقي وزير شمشاد اختر سڀاڻي فرانس رواني ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*