راولپنڊي ۾ عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد موٽرسائيڪل تي چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي

راولپنڊي ۾ عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد موٽرسائيڪل تي چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي، ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته راولپنڊي جي ٻنهي تڪن تان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندس.

شيخ رشيد چيو ته حالتون ڪهڙيون به هجن اسان کي اليڪشن طرف وڃڻ گهرجي.

هن چيو ته چونڊن ۾ ڪامياب ٿي نالا لئي ايڪسپريس ۽ غازي بروٿا پراجيڪٽ مڪمل ڪرائيندس.

شيخ رشيد چيو ته ملڪ جي خزاني کي لٽيندڙن کان عوام جو پئسو واپس ورتو ويندو، کين معاف نه ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*