حب ويجهو ٻن گاڏين جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

حب ويجهو ٻن گاڏين جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 ڪوسٽل هاءِ وي تي بمبور وٽ ڊاٽسن ۽ وين وچ ۾ سامهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اوٿل سميت ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن، جن مان ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*