جي ڊي اي عوامي دٻاءُ کانپوءِ گهوٽڪي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 205 تان ميان مٺو کان چونڊ ٽڪيٽ واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

جي ڊي اي عوامي دٻاءُ کانپوءِ گهوٽڪي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 205 تان ميان مٺو کان چونڊ ٽڪيٽ واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ميان مٺو کي چونڊ وڙهڻ لاءِ ٽيڪٽ جاري ڪرڻ واري فيصلي کي سماجي رابطي جي ويب سائيٽس تي تنقيد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي تي پير پاڳاري جي سربراهي ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي قيادت جي گڏجاڻي ٿي.

جي ڊي اي جي گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميان مٺو کي جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان گهوٽڪي جي تڪ اين اي 205 تي چونڊ وڙهڻ لاءِ جاري ڪيل ٽڪيٽ واپس ورتي ويندي.

ميان مٺو کي چونڊ ٽڪيٽ جاري ڪرڻ واري فيصلي کي سماجي رابطن وارين ويب سائيٽس تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*