ميرپور ماٿيلي ويجهو مبينا زهريلي چانهه پيئڻ جي نتيجي ۾ 2 معصوم نينگرين سميت 12 ڄڻا بيهوش ٿي ويا

ميرپور ماٿيلي ويجهو مبينا زهريلي چانهه پيئڻ جي نتيجي ۾ 2 معصوم نينگرين سميت 12 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، متاثرن جي وارثن موجب پاڙيسري عورت جي ڏنل کنڊ  استعمال ڪرڻ ڪري واقعو پيش آيو آهي.

 ڳوٺ خان محمد پتافي ۾ مبينا زهريلي چانهه پيئڻ سبب بيهوش ٿيلن ۾ 5 ورهين جي تهمينا، 3 ورهين جي ناديا، رشيده، فريده، بختي ، شهزادي ۽ ٻيا شامل آهن.

 زهريلي چانهه پيئڻ سبب بيهوش ٿيلن کي داد لغاري ٿاڻي آندو ويو جتان پوليس ليٽر وٺڻ بعد کين ميرپور ماٿيلي سول اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو.

 سول اسپتال ۾ متاثرن سان گڏ آيل  وارث عبدالرشيد پتافي ٻڌايو ته سندن ئي برادريءَ جي پاڙيسري عورت گهر کنڊ ڏئي وئي، جيڪا چانهه ۾ استعمال ڪئي وئي ته پيئندڙن کي الٽيون اچڻ شروع ٿي ويون جنهن بعد هو بيهوش ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*