ٺٽي ۾ سياسي، سماجي، علمي ادبي ڌرين ۽ سول سوسائٽي پاڻي جي کوٽ ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف ٻئي ڏينهن به بک هڙتال ڪئي

ٺٽي ۾ سياسي، سماجي، علمي ادبي ڌرين ۽ سول سوسائٽي پاڻي جي کوٽ ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف ٻئي ڏينهن به بک هڙتال ڪئي.

عوامي رابطا تحريڪ جي اڳواڻن سرور پليجو، امجد پليجو، تنزيلا خاصخيلي ۽ ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن بک هڙتالي ڪئمپ تي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي  اڳواڻن  چيو ته سنڌ جو پاڻي روڪيو پيو وڃي جنهن سبب معيشت تي اثر پئجي رهيو آهي.

اڳواڻن چيو ته ٽن صوبن پاران رد ڪيل ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ ٻيهر اٿاري سنڌي ماڻهن جي جذبن سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن خلاف مزاحمتي جدوجهد جاري رهندي.

هنن چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنڌ ۾ لاڙ جو علائقو سوڪهڙي جو شڪار آهي.

 هنن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي سنڌ ۾ پاڻي فراهم ڪري نقصان کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*